اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جبوتي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ان عزم جو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سان جبوتي پارليام??نٽ جي صدر ۽ آفريقي يونين پارليام??نٽ جي وقتي چيئرمين محمد علي حميد جي قيادت ۾ وفد جي ايوان صدر ۾ ملاق??ت دوران ڪيو ويو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پاڪستان جبو??ي ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ سفارتي مشنز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جبوتي بندرگاهه تي پاڪستاني سامان جي جلد ڪليئرنس جي لاءِ جبوتي حڪومت جو تعاون گهربل آهي.