اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ارب کان 30 ارب تائ??ن پهچايو ۽ سڀ ادارا بئنڪ ڪرپٽ ڪري ڇڏيا، اسان ٻن سالن ۾ 20 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي، 17 سالن ک??نپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ پنج مهينن ک??ن سرپلس آهي، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار وڌيو آهي، ڪو بيوقوف ئي هوندو جنهن کي اها خبر نه هوندي ته ملڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، ٻاهر وي??ي اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي اندروني حالت ڪهڙي آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلن جا جيڪي به حل آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، 2008ع کان 2018ع تائ??ن پاڪستان تي چئوڻو قرض چڙهي وي??، گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي وي??دو آهي، منهنجو تياري بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وي??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو، ??ن چيو ته مون کي ملڪي حالتن جي خبر هئي، وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين مون ڪيترائي انٽرويو ڏنا ۽ اهو چيو ته پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلا جيڪي به آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائ??ن پاڪستان تي چار ڀيرا وڌيڪ قرض چڙهي وي??، گهر تي قرض ان لاءِ چڙهندو آهي ته آمدني گهٽ ۽ خرچا وڌيڪ هوندا آهن. گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي وي??دو آهي، گهر تي قرض چڙهي ته خرچا گهٽ ڪيا وي??دا آهن، خرچ گهٽ ڪريون ٿا ته گهر هلائڻ ۾ مشڪلات ايندي آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي جڏهن قرض چڙهي وي??دو آهي ته ان جي انهن حالتن مان گذرڻو پوندو آهي.