اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پ??رٽين سان مشاورت ??و عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪ??متي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پ??ويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪ??ران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پ??رٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.