اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهِري دوستي آهي، ??ئي ملڪ امن ۽ ماحول دوست سياحت طرف اڳڀرائي جا خواهشمند ??هن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ نيپال ماحول دوست سياحت لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جي??ن اسان جو قدرتي حسن محفوظ رهي ۽ اسان فطرت جي انتهائي شاندار ۽ دلڪش حقيقت مان لطف اندوز ٿي سگهون.