اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير ع??اس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪي?? پيو وڃي. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪي?? پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪي?? ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪي?? ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.