اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي ا??فاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه م??مود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ا??مينان جو اظهار ڪندي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري ??طي لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي من??ن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري ??طي ۾ پوندا، پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.