ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آ??ي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ??اد??ا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن ??اد??ا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل په??ين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??اد??ا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ت??ين ۽ ٻي?? پارٽي عهديدار ۽ ??اد??ا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ ??اد??ا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آ??ي، ??اد??ا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.