اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽي??ن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچون ته وزيراعظم فائنل ڏسڻ ض??ور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽي?? جهڙي طريقي سان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تمام گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئل?? ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو آهي، ان لاءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ض??وري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور کٽينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽي?? سان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو اعزاز ملي ٿو.