اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ڏکڻ بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جي 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تي?? ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا ملڪ جي ٻين حصن کان ??ختلف آهن ڇو ته ان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. وز??راعظم اها ڳالهه ڏکڻ بلوچستان ترقياتي پئڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وز??راعظم ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ بلوچستان جي وڏي وز??ر جي سربراهي ۾ قائم ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هڪ سال ۾ ايپڪس ڪميٽي جو رڳو هڪ اجلاس ٿيو. وز??راعظم ان ??ئڪيج تحت 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي تي?? ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تربت ايئرپورٽ سان گڏوگڏ گوادر ۽ تربت ۾ 2 نرسنگ ڪاليجز جلد کان جلد تعمير ڪيا وڃن. وز??راعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاء?? هو ذاتي طور تي هر مهيني جائزه ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جا مسئلا ملڪ جي ٻين حصن کان ??ختلف آهن ڇو ته اتان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. هن منصوبابندي واري وزارت، توانائي واري وزارت، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ بلوچستان حڪومت کي هدايت ڪئي ته پئڪيج تحت ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تي?? ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.