اسلام آباد – 31 ج??ور?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان غير ملڪي سي??پڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سڌو سنئون غير ملڪي سي??پڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فراهمي جي لاءِ اقتصادي پاليسي جوڙي وئي آهي. صدر عارف علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آزاداڻي سي??پڪاري جو نظام متعارف ڪرايو آهي ۽ غير ملڪي سي??پڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سي??پڪاري لاءِ سي??پڪاري دوست پاليسي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن جي مهارتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فراهم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ته ان جو اهم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سي??پڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي، فورم واپار ۽ سي??پڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ گهڻ?? ضروري آهي. وفد مڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صدر کين سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.