اسلام ??باد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگ??دن جي حملي جي مذمت ڪئ?? آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئ?? ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگ??دن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ??ڻايو ويو، دهشتگ??دن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام ??ڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي هڪ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان