اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي ??سپ??ر شين وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ ??سپ??ر ج??هن ليگ ??سپ??نگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين وارن جي او??تو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ ??سپ??نگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ ??سپ??نگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.