اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي، واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ??لڪن ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ور??اءُ ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر جي ملاقات دوران طئي ??يو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل به موجود هو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ??لڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻو پوندو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان قبرص تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ور??ين، مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ڀارتي ڪردار تي به روشني وڌي. صدر سدائين پاڪستان جي حمايت ڪرڻ خاص طور تي ڪشمير تڪرار تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات دوران ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن سان عوام جي خوشحالي لاءِ گڏوگڏ علائقائي ??اپار ۽ رابطن کي فروغ ملندو. ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر يوم پاڪستان پريڊ جي ڪامياب انعقاد تي صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪي هر پليٽ فارم تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ٻنهي ??لڪن جي نئين نسل ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي.