اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان مح??د جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم ??ي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پ??ڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبح??ثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان سان روشن??س ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.