اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ??ول??گ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان ل??ءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي ل??ءِ طلب ڪ??و وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌا??و وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌا??و وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان ??ول??گ گهرجي جنهن ان تي ??ول??گ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان ل??ءِ هو ??ول??گ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ ج?? آرڊر پڙهي ٻڌايو.