اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال کي تفصيلي غور ۽ اهم مالياتي فيصلن لاءِ معاشي ماهرن جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجل??س ۾ نالي وارا معاشي ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، اجل??س ۾ ملڪ کي درپيش موجوده سنگين معاشي صورتحال کي تفصيلي غور ڪيو ويندو ۽ معاشي ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ معاشي ۽ مالياتي قدمن جي باري ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال خساري ۽ قومي بلينس ش??ٽ جي حقيقتن کان آگاهي حاصل ڪندو.