ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ??تم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ??نصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڪ??شش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪ??اليفڪيشن کانسو??ءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته پري ڪ??اليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪ?? ڪن، انهن کي ??لاحي?? جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي ??وش??ن ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خضدار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي ??يزي سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ??نصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀلائي جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي سان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي سان ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ڇڏينداسين.