اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاور سيڪٽر ۾ ترجيحي بنيادن تي سڌارا خاص طور تي بند بجلي گهرن کي به جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان پاور ڊويزن وار?? وفاقي وزير خرم دستگير ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي پاور سيڪٽر جي سڌارن جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ان جي هدايت موجب پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ جي ??اتمي لاءِ کنيل قدمن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پاور سيڪٽر ۾ ترجيحي بنيادن تي سڌارا خاص طور تي بند رهجي ويندڙ بجلي گهرن کي به جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت جاري ڪئي.