اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسل?? ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي ع??ام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي ع??امي عدالت عمران خان جي سازشي خط جي تماشي کي اڄ پو??ي طاقت سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو اهو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين جي سازشي ٿيوري دفن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان ص??بي ۾ مڙهيل نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تماشو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.