اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پي??اوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائي ۽ قومي سطح تي کپت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجل??س ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هن سال پي??اوار جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پي??اوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو جڏهن ته متوقع پي??اوار 26.173 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جي اميد آهي. ڪڻڪ جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ جي پي??اوار جي هدف ۽ متوقع پي??اوار ۾ فرق جي سببن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت جي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي جي ڪري ڀاڻ جو بحران آهي. وڌيڪ اهو ته مارچ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي دير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ان کانسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي شدت ۾ اضافو پڻ ڪڻڪ جي طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي حڪومتي سطح تي خريداري جي حوالي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.68 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آه??. و??ير??عظم کي موجوده حڪومت جي عوامي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو، کيس ٻڌايو ويو ته حڪومت جي فلور ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت تي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي سستي اٽي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي انهن قدمن ۾ شامل آه??. و??ير??عظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئ??. و??ير??عظم ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير جي حڪمت عملي تيار ڪري جلد پي?? ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??ير??عظم چيو ته ڪڻڪ جي پوکيءَ جي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو بحران پي??ا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي تعمير سان چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت عملي نه هجڻ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس جي دير سان اعلان سان نه رڳو آبادگارن جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي پي??ا ٿي پر ان جو فائدو سڌوسنئون ذخيره اندوزن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئ??. و??ير??عظم پنجاب حڪومت کي پنهنجو خريداري جو هدف وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن کي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي وقت سر ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان کي بهتر حڪمت عملي سان ڪڻڪ جي پي??اوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجل??س ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.