اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آسٽريليا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪو يورپي يونين جو اهم ميم??ر آهي. ٻن??ي پرڏيهي وزيرن پاڪستان آسٽريليا لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سمي?? مختلف شعبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا سان گڏوگڏ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو ??ڻ اظهار ڪيو.