اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ??ه اڳوڻي حڪومت ايل اين جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آه?? جنهن جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آه??، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي حڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آه??، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آه??، گذريل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسان جي حڪومت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آه??، تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آه??، اسان کي اهو سوچڻو پوندو آه?? ??ه ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ??ه ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي پابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي ٿيڻ جي ڪري اسان ايل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آه??. هن چيو ??ه ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آه??ون جڏهن ??ه ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي هڻي ها ??ه اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ??ه ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل حڪومت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ??ه اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن گئس خريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آه??ون ??ه ان تي ضابطو آڻيون. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته ع??ام بددعائون ڏيندي آه?? ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آه?? ان جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آه??، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آه??، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن چيو ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ان قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آه??، جنهن جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍڻو آه?? اهو وقت پري نه آه?? جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ??ه اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آه??.