اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ا??ف جي سخت شرط?? جي باوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي جي لاءِ تا??يخي اعلان ڪيا ويا آهن، ان کي زيرو ٽيڪس انڊسٽري قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو، پاڪستا?? جي تا??يخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسا?? جي سوچ آهي ته معاشي استحڪام رڳو زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ به تا??يخي اعلان ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ نوجوان?? جي لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ا??ف جي سخت شرط?? جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي، 12 لک رپين تا??ين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ پڻ تا??يخي اعلان ڪيا ويا آهن، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪش?? جي اندر پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم سان نه رڳو پاڪستا?? جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، آرٽسٽ?? جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته فلم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهر?? جي جڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ثقافت ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته هڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسان واڌويجهه جي شرح 5 سيڪڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ جي اندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايندي ئي پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو هو ۽ ا?? جي اندر وڌيڪ 5 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو آهي.