اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ??وا?? کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ان??ونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي ان??ونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد ان??ونيشيا جو دورو ڪيو ۽ ان??ونيشيا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ ان??نيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، ان??ونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراه?? ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود ان??نيشيا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي ان??ونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. ان??ونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ ت??ظي?? جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.