فيصل آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل چيو آهي ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفا??تي سطح تي دنيا کي ڀا??تي ظلمن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ار?? آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀا??تي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جڏهن ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن چيو ته مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀا??تي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ثابت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.