واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ عالمي برادري پاڪستان حڪومت کي ??احولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻوڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي ??نهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي ??ڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪستان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستاني هن آفت کي ??نهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا ??ست??اب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ عالمي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري ?? ٻوڏ متاثر پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي ??تحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان کي ??هرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي ??هتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي ??تاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي ??نهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي ??نهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.