اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي ل??ڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي ل??ءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صد?? ڊاڪٽر آصف سيد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي ل??ءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ڪردار ۽ پاڪستان جي ل??ءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.