اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيل??وي??ن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيل??وي??ن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪستان ٽيل??وي??ن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيل??وي??ن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيل??وي??ن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ ??وم?? علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيل??وي??ن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيل??وي??ن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان ??وم??، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس ??ي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.