اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثاقب نثار چيف جسٽس آف ان جسٽس آف پاڪستان هو، کيس خبر آهي ته ان جا سمورا فيصلا اداري جي توهين جو سبب بڻيا، عمران نيازي ملڪي تاريخ جو پهريون صادق ۽ امين آهي جيڪو پورو ڊڪليئر نه ٿيو، هي والد به اڌ ۽ صادق ۽ امين به اڌ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيندڙ اڄ چوي ٿو ته اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهيون، جيڪڏهن اڄ پي ٽي آءِ وارا ا??يڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهن ته پوءِ اهي اليڪشن ڪميشن جي ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۽ توشه خانه ڪيس جي فيصلن سان به گڏ بيٺل آهن جيڪي اهي ڊڪليئر نه ٿا ته عمران خان خيرات جا پئسا سياست جي لاءِ استعمال ڪيا، پنهنجي چپڙاسين جي ذريعي فارن فنڊنگ گهرائي، توشه خانه مان تحفا چوري ڪيا، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري توشه خانه جي پاليسي تبديل ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن صوبن کي رمضان المبارڪ دوران مفت اٽي جي فراهمي جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پنجاب حڪومت وزيراعظم جي هدايت تي يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي مفت اٽو غريب ماڻهن ??ي فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي کي شفاف طريقي سان ممڪن بڻائڻ جي لاءِ ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا ا?? پوري عمل جي نگراني ڪندي، صوبائي ??طح تي به مانيٽرنگ شفاف طريقي سان ٿيندي. هن ??يو ته مفت اٽو پئڪيج جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته پنجاب ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن ??ي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جي اميد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ غريب عوام کي مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج ڏئي رهي آهي جڏهن عمران خان جي شروع ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام سان حڪومت جا هٿ ٻڌل آهن. هن ??يو ته عمران خان جي سياست کي پاڪستان جي عوام رد ڪري چڪي آهي، ان کي پاڻ کي به خبر آهي ته ان جي غليظ ۽ گهٽيا سياست ختم ٿي چڪي آهي، جنهن وقت عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿي رهي هئي ان وقت هي بند ڪمري ۾ ويهي چيف آف آرمي اسٽاف کي منٿون ڪري رهيو هو ۽ جڏهن ان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته هن سائفر تي کيڏڻ جي سازش ڪئي. عمران خان بي اعتمادي رٿ کي ڪڏهن عالمي سازش قرار ڏنو، ڪڏهن ??يو ته آمريڪا سازش ڪئي آهي ۽ پوءِ اها سازش جي ڪهاڻي جنرل باجوه کان ٿيندي اها محسن نقوي تي ختم ٿي. هن ان تي آمريڪا کان معافيون پڻ ورتيون. هن ??يو ته انهي سائفر جي ڪهاڻي تي هن قومي اسيمبلي ٽوڙي، سپريم ڪورٽ ان تي فيصلو ڏنو ته قومي اسيمبلي غلط ٽوڙي وئي آهي، پارليامينٽ ٻيهر بحال ٿي. هن ??يو ته عمران خان ملڪ کي چار سال معاشي تباهي جي ور چاڙهيو، هن مارچ 2022ع ۾ پيٽرول تي سبسڊي ڏئي آءِ ايم ايف پروگرام معطل ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو، اسان آءِ ايم ايف کي ٻيهر ميز تي آندو، ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ شهباز شريف آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ چيو ته اسان توهان جي سخت شرطون نه ٿا مڃي سگهون. هن ??يو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جي حالتن جو ذميوار عمران خان آهي. هن ??يو ته عمران خان پاڻ اسيمبليون ٽوڙيون ۽ ان کانپوءِ ??يو ته لانگ مارچ ڪري رهيو آهيان. هن لانگ مارچ ۾ پنهنجو پاڻ کي گولي لڳرائي، هڪ ماءُ جي هنج اجڙي، ان جي ڪنٽينر سان ٽڪر لڳي هڪ صحافي صدف شهيد ٿي. پوليس ڪانسٽيبل کي ان جي عهديدار جي گهر مان گولي لڳي، ان جا 6 ٻار يتيم ٿيا. هن ??يو ته ظل شاهه جي ڊيڊ باڊي راجا شڪيل جي گاڏي ۾ وجهي اسپتال پهچائي وئي، راجا شڪيل کي زمان پارڪ ۾ پناهه ڏئي رکي هئي، سڀني کي خبر هئي ته ٻه ڏينهن اڳ اها ڪارروائي ٿي آهي، ياسمين راشد کي به خبر هئي پر هن ??نهن ??ي ان بابت آگاهه نه ڪيو ۽ هن شخص ان جي لاش تي به سياست ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن شخص کي خبر آهي ته ان جي غليظ سياست دفن ٿي چڪي آهي، هي ناڪام ٿي چڪو آهي، سائفر کان ان جي ڪهاڻي شروع ٿي ۽ هاڻي لاشن جو منتظر آهي ته ڪو لاش ملي جنهن تي هو پنهنجي سياست ڪري. هن ??يو ته پي ٽي آءِ جي ڪالهه ننهي مني ريلي نڪتي، عوام ان کي رد ڪري ڇڏيو، هي پنهنجي ريلي ۾ پاڻ بلٽ پروف گاڏين ۾ ويهي تقريرون ڪندو رهيو. هن ??يو ته عمران خان کي جڏهن عدالت گهرائي ٿي ته هي عدليه تي حملي آور ٿئي ٿو ۽ جڏهن ان کي ڇوٽ ملي وڃي ٿي ته هي خاموش ٿي وڃي ٿو. هن ??يو ته اڄ به عدالت مان وارنٽ جاري ٿيا ۽ پوءِ معطل به ٿي ويا. هن ??يو ته عمران خان تحريڪ جي لاءِ ته تيار آهي پر عدالت جي لاءِ بيمار ۽ بزرگ، ان کان ممنوعه فنڊنگ، خيرات جا پئسا سياست ۾ لڳائڻ، ڌيءَ ٽيريان، توشه خانه جي چوري جو پڇيو پيو وڃي، جيڪڏهن هن ??وري ناهي ڪئي ته عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏئي ڇڏي. هن ??يو ته اسان جي پهرين حڪومت آهي جنهن توشه خانه جو پورو رڪارڊ پبلڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ماڻهو ان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته توشه خانه جو رڪارڊ پبلڪ ٿيڻ سان ملڪي لاڳاپا خراب ٿين ٿا. هن ??يو ته عمران خان وٽ هاڻي وڪڻڻ جي لاءِ ??ا ڪهاڻي نه آهي، سائفر جي ڪهاڻي ختم، لانگ مارچ ختم، جيل ڀريو تحريڪ ختم، عدليه کان بچو تحريڪ ختم، هاڻي ڇا وڪرو ڪندو؟ هن ??يو ته توشه خانه مان شيءَ کڻي رکڻ ۽ چوري ڪرڻ ٻه مختلف شيون آهن. قانون موجب جيڪڏهن ??و تحفو توشه خانه جي رولز موجب رکيو وڃي ته اهو غيرقانوني نه آهي پر جيڪڏهن توهان کي ڪو تحفو ملي ۽ ان کي ڊڪليئر نه ڪريو، ان جا پئسا توشه خانه ۾ جمع نه ڪرايو ۽ اهو تحفو وڪرو ڪري ڇڏيو ته اهو ڪڌو ڏوهه آهي. هن ??يو ته عمران خان توشه خانه جا قانون تبديل ڪيا، توشه خانه مان چوري ڪئي ۽ تحفو وٺي ڊڪليئر نه ڪيو جيڪو سگين ڏوهه آهي، جيڪڏهن عمران خان اهو ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي ۽ جواب ڏئي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي مسلسل ڪوڙ ڳالهائي ٿي، عمران خان کي پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم کي تفصيل ڏيڻ گهرجن ته مون توشه خانه مان گهڙي چوري ئي ۽ وڪرو ڪرڻ کانپوءِ قانون تبديل ڪري پئسا جمع ڪرايا. هن ??يو ته تحفن جون جعلي رسيدون ٺاهي ان کي وڪرو ڪرڻ کانپوءِ پئسا جمع ڪرائڻ ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو شخص اليڪشن ڪميشن جي توهين جي ڪيس ۾ اندر ويو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهيون. فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي تي جيل ويو هو، اڄ اهي ڌمڪيون ڏيندڙ چئي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي حوالي سان عمران خان جي تبديل ٿيندڙ بيانن جي وڊيو پڻ صحافين کي ڏيکاري. هن ??يو ته جيڪڏهن اڄ پي ٽي آءِ وارا ا??يڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهن ته پوءِ اهي اليڪشن ڪميشن جي ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۽ توشه خانه ڪيس جي فيصلن سان به گڏ بيٺل آهن جيڪي هي ڊڪليئر ڪن ٿا ته عمران خان خيرات جا پئسا سياست جي لاءِ استعمال ڪيا، پنهنجي چپڙاسين جي ذريعي فارن فنڊنگ گهرائي، توشه خانه مان تحفا چوري ڪيا، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري توشه خانه جي پاليسي تبديل ڪئي. هن ??يو ته اليڪشن ڪميشن جي سڀني فيصلن سان گڏ اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف بيٺل آهي ۽ اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته عمران خان فارن ايجنٽ به آهي ۽ چور به. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار پاڪستان جي عوام کي ڊيم فول بڻائي ويو، اڄ هو چوي ٿو ته مون کي بابا ڊيم ڇو چيو وڃي ٿو ان لاءِ ته توهان پاڪستان جي عوام ۽ ٻارن جو مستقل اونداهون ڪيو آهي. توهان پاڻ چيو ته توهان عمران خان سان ملندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته توهان ڪهڙي حيثيت سان عمران خان سان ملندا هئا، توهان جو ڪانفليڪٽ آف انٽرسٽ هو، توهان نيب نيازي ڳٺ جوڙ ۾ ملوث هئا. هن ??يو ته ثاقب نثار جنهن عهدي تي هو، ان تي قانون اجازت نه ٿو ڏي ته هو اهڙي طرح جون ملاقاتون ڪري. هن ??يو ته ثاقب نثار عمران خان کي صادق ۽ امين ڊڪليئر ڪيو ۽ هاڻي چئي رهيو آهي ته مون پورو صادق ۽ امين ڊڪليئر نه ڪيو، هي ملڪي تاريخ جو پهريون صادق ۽ امين آهي جيڪو پورو ڊڪليئر نه ٿيو، عمران خان ايترو ڪوڙو شخص آهي جنهن ??ي صادق ۽ امين ڊڪليئر ڪندڙ شخص به چوي ٿو ته مون پورو صادق ۽ امين ڊڪليئر نه ڪيو، هي والد به اڌ آهي ۽ صادق ۽ امين به اڌ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ثاقب نثار عمران خان جو گهر غلط رڪارڊ تي ريگيولرائيز ڪرايو، پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪمپين هلائي ۽ چوي ٿو ته ٻين جا ٻار بي ادب آهن. هن ??يو ته ٻين جا ٻار بي ادب نه آهن توهان جي توهين آميز فيصلن جي ڪري ائين ٿي رهيو آهي جنهن جو اعتراف توهان پاڻ ڪيو آهي ته مون غلط فيصلا ڪيا هئا جيڪي اداري جي توهين جو سبب بڻيا. هن ??يو ته مريم نواز بهادري سان ميدان ۾ موجود آهي. ثاقب نثار چيف جسٽس آف پاڪستان جي اعليٰ عهدي تي فائز رهيو آهي، ان تي الزام هنيا آهن، ان کي خبر آهي ته ان تي لڳندڙ الزام سچا آهن انهي لاءِ هو اعتراف ڪري رهيو آهي ته هو عمران خان سان مليو هو. هن ??يو ته ثاقب نثار جي فيصلن سان پاڪستان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل ڪمپرومائز ٿيو آهي. ثاقب نثار جي دل کي خبر آهي ته توهان چيف جسٽس آف ان جسٽس آف پاڪستان هئا. ان کي خبر آهي ته ان جا سمورا فيصلا ا?? جي اداري جي توهين جو سبب بڻيا آهن. هن پنهنجي قلم سان تضحيڪ آميز فيصلا ڪيا. هن ??يو ته مريم نواز پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام آڏو الزام نه هڻي رهي آهي پر ثبوت پيش ڪري رهي آهي جنهن ??ي توهان مڃي به رهيا آهيو، اڄ تائين ڪنهن ان جي نفي ناهي ڪئي، سڀ اعتراف ڪري رهيا آهن، ڪير نه چئي رهيو آهي ته اهو نه ٿيو هو. ثاقب نثار پاڻ چئي رهيو آهي ته مون صادق ۽ امين جو پورو فيصلو نه ڏنو هو. هن ??يو ته ثاقب نثار پنهنجي اداري ۽ عهدي جي بي ادبي ڪئي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته ان جي توهين ٿي رهي آهي ۽ ان تي جيڪي الزام لڳي رهيا آهن ان وٽ ثبوت آهن ته هو سامهون آڻي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ثاقب نثار پاڪ ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر کي بند ڪيو، ماڻهن جا ڪڊني جا آپريشن رڪجي ويا، ڪيترن ئي ماڻهن جون فوتگيون ٿيون، جن جا آپريشن نه ٿيا ا??ي زندگيُون هارائي ويا، ڇا ا??هن جا وارث توهان کي دعائون ڏيندا يا بددعائون؟ هڪ هلندڙ اسپتال توهان پنهنجي اناءَ ۽ فائدي جي لاءِ بند ڪري ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سان معيشت کي تباهه ڪيو، ماڻهن ??ي غريب ڪري ويو، بيروزگار ڪيو، اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائن تائين مهانگيون ڪري ڇڏيون، هي شخص چاهي ئي نه ٿو ته پاڪستان جي عوام کي ريليف ملي، هي شخص چوي ٿو ته هو وزيراعظم بڻجندو ڇو ته ان کي وڌيڪ چوريون ڪرڻيون آهن ۽ ملڪ کي وڌيڪ تباهه ڪرڻو آهي. ان جي بيگم کي وڌيڪ هيرا وٺڻا آهن، 190 ملين کي 290 ملين ڪرڻو آهي. هن ??يو ته 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ته هن ??نيون ئي نه، هن ??ي ڪستو ٽوڙڻو هو ۽ ملڪ جو تاريخي قرض وٺي هليو ويو. هن ??يو ته پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ملڪ کي مهانگائي مان سدائين مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ڪڍيو آهي. نواز شريف 22 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، ملڪ جي سمورين ڌرين کي پاڻ ۾ ڳنڍيو، رستا ٺاهيا، ڪاروبار ٺاهيا، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو جڏهن ته ٻئي طرف عمران خان پنجاب جي اندر ويهي ماڻهن ??ي تشدد تي اتساهيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي نوجوانن کي به خبر آهي ته جنهن ميٽرو تي ويهي انهن ??ي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ روزگار تي وڃڻو آهي، اها پبلڪ ٽرانسپورٽ رڳو شهباز شريف ٺاهي سگهي ٿو. هن ??يو ته عمران خان ٻهروپيو آهي، هي سازشي آهي، اڳ ۾ به هي ڊي چوڪ تي ويهي چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ جي سازشن ۾ ملوث هو ۽ امپائر جي اشاري جو انتظار ڪري رهيو هو، عوام ان کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي. پنجاب جي اليڪشن ٿي رهي آهي جنهن ۾ هي پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي رهيو آهي، ڪالهه لاهور ۾ ننهي مني ريلي کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ان جي ڪا سياسي چال ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي. هي ملڪ ۾ افراتفري ۽ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، ڪمري ۾ ويهي ماڻهن جا لاش ڪرندي ڏسڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي پوري قيادت لاهور ۾ گهرن ۾ ويهي تماشو ڏسي رهي آهي. هن ??يو ته پاڪستان جا نوجوان عمران خان جي سازش جو حصو نه بڻجندا.