اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپ??ا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لا??ِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لا??ِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ملاق??ت ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿ??. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لا??ِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپ??ا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لا??ِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لا??ِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپ??ا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.