اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اڄ 200 ڀارتي مهاڻن ۽ 3 سويلين ق??دين کي آزاد ڪندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي و??ير چيو ته ان کان اڳ 198 ڀارتي مهاڻن ک?? هن سال 12 مئي تي و??ن واپس موڪليو ويو هو. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي انساني همدردي جي معاملن تي سياست نه ڪرڻ جي پاليسي موجب آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي همدردي??َ کي سياست تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.