اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي، اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چي??رمين ڪمسات بائيف جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. دورو ڪندڙ ترڪمانستان جي وفد ۾ توانائي جي نائب وزير اناجيلدي سپاروف، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بي او ڊي جي چي??رمين، ٽي پي سي ايل محمد ميرات امانوف کانسواءِ پاڪستان ۾ ترڪمانستان جو سفير عطا جان مولاموف پڻ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي ۽ واپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته پاڪستان ترڪمانستان جي توانائي جي ڀرپور ذخيرن تائين فوري پهچ جو گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته تاپي پاڪستان جي توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن جي ويزن جو هڪ اهم جز آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. هن منصوبي تي جلد عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جي مختلف حصن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ، وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان کي پاڪستان پاران فوڪل پرسن نامزد ڪيو هو سينيئر ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. بعد ۾ وزيراعظم تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي (جي آئي پي) جي معاهدي تي صحيحن و??ري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. معاهدي تي پيٽروليم و??ري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چي??رمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. جي آئي پي جو مقصد تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم کي تيز ڪرڻ آهي. تاپي پائيپ لائين منصوبي جومقصد 1814 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جي ذريعي ترڪمانستان سان قدرتي گئس کي افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي جنهن ۾ ساليانو 33 ??لي?? ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس جي چرپر جي گنجائش آهي. فعال ٿيڻ کانپوءِ تاپي منصوبو علائقائي توانائي جي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.