اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته انتون??و گوتريس سان ملاقات دوران اسان اتفاق ڪيو آهي ته دنيا کي موسميا??ي تبديلي بابت پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ن??و گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتون??و گوتريس سان پنه??جي ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسميا??ي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور وڪالت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان اتفاق ڪيو ته عالمي برادري کي موسمياتي انصاف جي لاءِ پنه??جي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وساريندا ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي.