اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ چيني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز ۽ چائيويانگ لانگ مارچ ٽائرز جي وفد چيئرمين لي چ??گوين جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. خصوصي صلاحڪار طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ ناليواري پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي ذريعي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان قائم پلانٽ سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائر عالمي منڊين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪمپني جي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائرن هڪ سال جي گهٽ وقت ۾ عالمي منڊين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ ٽائرن جي پيداوار کي وڌائي سالياني روانگي واپار کي 200 ملين ڊالر تائين کڻي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي چ??ني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت جي بهتري لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ٽائرن جي اسمگلنگ کي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽائر ۽ اسپيئ?? پارٽس جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ جامع پاليسي جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو ??را??و دوست آهي، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ڀائرن وانگر مدد ڪئي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو.