اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف بهاره ڪهو ??اءِ پاس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم گذريل سال 14 آڪٽوبر 2022ع تي منصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو هو. 9 مهينن جي ??ختصر مدي ۾ 31 جولاءِ 2023ع تي منصوبو مڪمل ڪيو ويو، جنهن تي 6 ارب 25 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي آهي، منصوبي جي ??ڪمل ٿيڻ سان مقامي آبادي ۽ سياحن کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهو منصوبو 5.2 ڪلوميٽر رستي، ٻن پلين ۽ چئن انڊر پاسز تي ٻڌل آهي، منصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪري ان کي 6 مهينن جي ??ختصر مد?? ۾ ??ڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان خطي ۾ سياحت جي صنعت کي فروغ ملندو ۽ ٻارڻ جي بچت سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ۾ به مدد ملندي.