اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪ??دڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حق?? بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائ??ه رضا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱ??ري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائ??ه رضا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حق?? بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائ??ه رضا فاروق جي قيادت ۾ ٻارن جي حق?? بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حق?? بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائ??ه رضا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪ??دڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حق?? بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.