اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي ا??شورنس محتسب ج?? فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي ا??يل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي ا??شورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشورنس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري ا??تياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي ا??شورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي ا??شورنس ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني ا??تياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي ا??شورنس ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري ا??صاف جي لاءِ وفاقي ا??شورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب ج?? فيصلي جي خلاف انشورنس ڪمپني صدر کي ا??يل ڪئي. صدر انشورنس ڪمپني جي ا??يل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.