نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ ??صو??ي حمايت جو ورجاءُ ڪي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير منعقد اجلاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي ??صو??ي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳ??، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حص?? آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهي?? آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي?? آهي.