اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير ??لي?? عباس جيلاني ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو شنگهائي تعاون تن??يم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم ۾ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ۾ ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جو بنيادي ڌيان سماجي ۽ اقصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون آهن. ترجمان چيو ته انهي مٽاسٽا ?? ٻطرفي تعاون جي وسيع شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل اعتماد، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي زور ڏيندي ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اچ وڃ ۽ علائقائي رابطن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلي ۽ آفتن مان ڇوٽڪاري ۾ علائقائي تعاون تي پاڪستان جي موقف جو ??اڪ?? پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ جي اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪستان شنگهائي تعاون تن??يم (ايس سي او) جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي سربراهي 2024ع جي خزان موسم تائين سنڀاليندو. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم ۾ اسان جو ڌيان رابطن کي وڌائڻ، ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جي خاتمي ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت اعليٰ امڪانن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي عملي تعاون تي رهندو.