واديءَ لي??ه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لي??ه ۾ 24 آڪٽوبر جي مناسبت سان شاندار پروگرام منعقد ڪيو وي??. پروگرام ۾ صدر معلمه زاهده برڪت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪ فوج ?? ڪشمير جي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي نگهت ڪشمير?? ترانو پيش ڪري د??د وصول ڪيو. شاگردن 24 آڪٽوبر يوم تاسيس جي مناسبت سان ملي نغما، ترانا ۽ تقريرون ڪيون جن ۾ شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام عقيدت پيش ڪيو. والاريل ڪشمير سميت فلسطين جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صدر معلمه چيو ته اسان آرام سان سمهون ٿا ۽ آزادي سان ساهه کڻون ٿا جڏهن ته وڏن جبلن تي اسان جي محافظ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پهرو ڏين ٿا، پاڪ فوج ?? ڪشمير جي شهيدن جي جذبن کي جيترو ساراهيو وڃي گهٽ آهي.