برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيه?? وز??ر جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جاري عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيه?? وز??ر جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصو??ي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيه?? وزير سان گڏ هئي.