اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسي?? پاڪستاني?? کي پنهنجي رقم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسي?? پاڪستاني?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انه?? کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسي?? پاڪستانيز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت ۾ اوورسي?? پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال سان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسي?? پاڪستاني?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انه?? کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، اوورسي?? پاڪستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي، اوورسي?? پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.