اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليواري ثقافتي ۽ ترقياتي تنظيم سورميون ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ سنڌ جي ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. تنظيم جي ميمبرن ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي با اختيار بنائڻ ۾ اهم ڪردار تي وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي تعليم واري وزير معاشي ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جي تنظيم جي ??زم کي ساراهيو. وفاقي وزير سورميون جي ڪردار جي تعريف ڪئ?? جيڪا معاشريءَ جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سورميون جي نمائندا گلناز شيخ، ندا ديو، شبانه سليم، پارس فاروق، عابده راز ۽ نجمه چانڊيو به موجود هيون. ملاقات ?? عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلي ۾ صنفي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تنظيم پنهنجي مشن کي اڳتي ??ڌا??ڻ ۽ قوم جي ثقافتي ۽ سماجي رابطن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار لاءِ تيار آهي.