اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب ??ست??اب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاقي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي و??ري نگران وفاقي وز??ر ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي و??ري نگران وفاقي وز??ر محمد علي، قومي غذائي تحفظ و??ري نگران وفاقي وز??ر ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار و??ري نگران وفاقي وز??ر گوهر اعجاز، نگران صوبائي وڏن وز??رن ۽ لاڳاپيل سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي.