اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊس??لي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪيل پهرين ڊس??لي سينٽر جي افتتاح?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم پبلي ڪيشن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جون پبلي ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر پڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊس??لي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ه?? اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊس??لي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊس??لي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊس??لي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جون آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.