اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص ني?? سان عوام جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص ني?? سان عوام جي اجتماعي مسئلن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 ??گس?? تي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوام جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گه??جي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي ??با??ڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين اسپيڪر لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.