اسلام آباد-12 م??رچ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وزارت آمد تي سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا ۽ ٻين آفيسرن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولت موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي و??ند??. هن چيو ته گردشي قرضن جي پائيدار حل لاءِ تجويزن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آ??ي. گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ڪئي و??ند??. مشڪل حالتن باوجود حڪومت جي پاليسين جو محور عوام آهي. آفيسرن طرفان وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني وئي.