اسلام آباد – 20 – ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀا??يچ??ري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريا?? ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪريا?? ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن ??ي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀا??يچ??ري کي فروغ ڏيون.