اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ??رجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي وئ??. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ??رجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.