ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپي?? عملدارن کي ڪارو??ار?? برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪارو??ار?? برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بزنس مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪارو??ار?? برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ڪارو??ار?? برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪارو??ار?? برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپي?? عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪارو??ار?? برادري جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين جي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پوائنٽس ??ي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ ک??نپ??ءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳا??هه ڪري ٿو.